آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي ڌرتي تي دهشتگردن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، امن خراب ڪندڙ ڪنهن به ڪوشش جو زبردست طاقت سان جواب ڏنو ويندو، دشمن عنصرن کي هو لوهي هٿن سان منهن ڏيندا، دهشتگردي خلاف جنگ جاري آهي ۽ ان کي هو انجام تائين پهچائيندا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم مينير پشاور جو دورو ڪيو، جتي کيس سڪيورٽي جي موجوده صورتحال ۽ دهشتگردن خلاف جاري ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب بريفنگ ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ خيبرپخونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور به شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته دشمن نفرت ۽ خوف جو ٻج ڇٽڻ چاهي ٿو، جنهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو فيصلائتو ۽ پوري قوت سان جواب ڏنو ويندو.
آرمي چيف، هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مضبوط عزم ۽ بي مثال قربانين جي تعريف ڪئي.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردن جا نيٽ ورڪ ۽ ڪڌا ارادا ناڪام بڻائيندڙ سڪيورٽي فورسز جي ڪاميابين تي کيس فخر آهي.
جنرل عاصم منير چيو ته هو برائي خلاف متحد آهن، فورسز جي حوصلي ۽ عظيم قربانين ذريعي هنن پنهنجي سرحدن اندر ۽ ٻاهر دهشتگرد تنظيمن جي آپريشنل صلاحيتن کي ڪاميابيءَ سان ختم ڪيو آهي.
آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج محنت ۽ دهشتگردن جي اهم ليڊر کي ماريو، سندن بنيادي ڍانچو تباهه ڪيو ۽ سندن سيل بي اثر ڪيا.
جنرل عاصم منير چيو ته ڪاررواين سان اهو پيغام ويو ته دهشتگردن لاءِ هن ڌرتيءَ تي ڪا به جاءِ ناهي، هيءَ جنگ جاري آهي ۽ ان کي هو انجام تائين پهچائيندا.
آرمي چيف، زور ڀريو ته هر آپريشن سڪيورٽي فورسز جي جرئت، مهارت ۽ آپريشنل تياريءَ جو ثبوت آهي.
جنرل عاصم منير واضح ڪيو ته امن خراب ڪندڙ ڪنهن به ڪوشش جو زبردست طاقت سان جواب ڏنو ويندو، دشمن عنصرن کي هو لوهي هٿن سان منهن ڏيندا.
آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جا جواب قوم جي خودمختياري جي تحفظ جي عزم تي ثابت قدم رهندا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف، مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ڪي پي جي سياستدانن سان ڌار ڌار ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.
ان موقعي تي شرڪت ڪندڙ دهشتگردي جي لعنت خلاف هڪ سياسي آواز ۽ عوامي حمايت جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب سياسي نمائندن دهشتگرد گروپن خلاف هڪ متحد محاذ جي ضرورت تي اتفاق پڻ ڪيو.
ان کان اڳ خيبرپختونخوا آمد تي ڪور ڪمانڊر پشاور، آرمي چيف جي آجيان ڪئي………..