پاڪستان جي 25ڪروڙ عوام جي واحد اميد، پيرس اولمپڪس ۾ جيولن ٿرو جي فائنل لاءِ ارشد نديم ميدان ۾ لهي رهيو آهي

- Advertisement -
پاڪستان جي 25ڪروڙ عوام جي واحد اميد، پيرس اولمپڪس ۾ جيولن ٿرو جي فائنل لاءِ ارشد نديم ميدان ۾ لهي رهيو آهي. پيرس اولمپڪس ۾ جيولن ٿرو جي فائنل پاڪستاني وقت موجب فائنل رات 11 لڳي 25 منٽن تي شروع ٿيندي. فائنل ۾ پاڪستان جي ارشد نديم سميت 12 ايٿليٽس ايڪشن ۾ هوندا. پهرين مرحلي ۾ سمورا 12 ايٿليٽس ٽي، ٽي ڀيرا جيولين اڇلائيندا، ٽين وارين بعد 8 بهترين ٿرو ڪندڙ ايٿليٽس وڌيڪ 3 واريون وٺندا. مجموعي طور ڇهن وارين ۾ سڀ کان بهتر ٿرو پليئر کي قطعي ٿرو قرار ڏنو ويندو، اسٽارٽ لسٽ ۾ ارشد نديم چوٿين نمبر تي آهي. پاڪستان کي اولمپڪس ۾ آخري ميڊل کٽڻ کي 32 ورهيه وهامي ويا، اڄ کان 32 سال اڳ 8 آگسٽ 1992ع تي پاڪستان آخري ڀيرو اولمپڪس ميڊل پوڊيم تي قدم رکيو هو، جڏهن ته قومي هاڪي ٽيم بارسلونا اولمپڪس ۾ نيڌرلينڊ کي ٽن جي ڀيٽ ۾ چئن گولن تان شڪست ڏئي پتل جو ٻلو کٽيو هو. اڄ 32 ورهين بعد پاڪستان کي ٻيهر اميد آهي، هن ڀيري نظرون قومي هاڪي ٽيم نه پر جيولن ٿرو ايونٽ ۾ شريڪ ارشد نديم تي آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
broken clouds
32.4 ° C
32.4 °
32.4 °
12%
1.7m/s
68%
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون