تازه ترين

پاڪستان دنيا لاءِ سامونڊي ٽريڊ روٽ ثابت ٿيندو: احسن اقبال

- Advertisement -
رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ترقي جو سفر نه روڪيو وڃي ها ته پاڪستان دنيا جي ستين وڌي معيشيت هجي ها، پاڪستان وچ ايشيا، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر وچ ۾ واپاري حب بڻجي سگهي ٿو. وفاقي وزير احسن اقبال ڪراچي ۾ پاڪستان ميري ٽائم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان ميري ٽائم شعبي ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، کين سامونڊي جيوت جي حفاظت لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ترقي جو سفر نه روڪيو وڃي ها ته پاڪستان دنيا جي ستين وڌي معيشيت هجي ها، پاڪستان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش هنڌ آهي. رٿابندي واري وفاقي وزير چيو ته توانائي، آءِ ٽي ۽ معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا آهن. احسن اقبال چيو ته پورٽ قاسم سميت سمورن بندرگاهن کي جديد بڻايو پيو وڃي، پاڪستان دنيا لاءِ سامونڊي ٽريڊ روٽ ثابت ٿيندو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون