تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان دهشتگرديءَ جي واقعن جو ذميوار ڀارت کي قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان دهشتگرديءَ جي واقعن جو ذميوار ڀارت کي قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان جو چوڻ آهي ته جعفر ايڪسپريس تي حملي جي رٿا بندي پرڏيهه ۾ ڪئي وئي آهي، دهشتگردن جي ٽريس ٿيل ڪالن ۾ افغانستان مان رابطي جو پتو پيو آهي،  افغان حڪومت سان سٺن لاڳاپن جي خواهش آهي پر دهشتگردي بنيادي مسئلو آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي شفقت علي خان چيو ته هنن اڃا جعفر ايڪسپريس دهشتگردي تي ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته جعفر ايڪسپريس تي حملو به پرڏيهه ۾ ويٺل قيادت ڪرايو ۽ ٽرين دهشتگردي پٺيان ڀارت آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث دهشتگرد افغانستان ۾ پنهنجي ساٿين سان رابطي ۾ هئا، جعفر ايڪسپريس تي حملي جي رٿا بندي پرڏيهه ۾ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي ٽريس ٿيل ڪالن ۾ افغانستان مان رابطي جو پتو پيو آهي،  افغان حڪومت سان سٺن لاڳاپن جي خواهش آهي پر دهشتگردي بنيادي مسئلو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هو ڀارتي اختيارين طرفان ٻن ڪشميري تنظيمن کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي مذمت ڪن ٿا، ڀارت ڪشميري سياسي پارٽين تان پابندي ختم ڪري. شفقت علي خان چيو ته ڀارت عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ ڄمون ڪشمير اتحاد المسلمين کي پنجن پنجن سالن لاءِ غيرقانوني ايسوسي ايشن قرار ڏنو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون