تازه ترين

پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄي دنيا جي امن لاءِ قيمت ادا ڪري رهيو آهي :برطانوي هاءِ ڪمشنر

پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر مس جين ميريٽ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄي دنيا جي امن لاءِ قيمت ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سميت ٻين دهشتگرد پارٽين جي ڪاررواين تي ڳڻتي آهي.

خانگي ٽي وي کي انٽريو ڏيندي مس جين ميريٽ چيو ته پاڪ فوج ۽ سڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏئي ڪري پاڪستان ئي نه پر سڄي دنيا جي امن لاءِ قيمت ادا ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ترين اتحادي ۽ فرنٽ لائن ملڪ آهي، يوڪرين جي نئين سر اڏاوت ۾ پاڪستاني ڪنسٽرڪشن ڪمپنيون اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.

پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر مس جين ميريٽ افغان طالبان کان دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته افغانستان جي مسئلي ۽ صورتحال تي هاڻي به دنيا جون نظرون آهن، طالبان، حقاني گروپ ۽ ٻين تنظيمن تي ضابطو آڻن، دهشتگردن کي نه روڪيو ويو ته پاڪستان ئي نه پر سڄي دنيا لاءِ خطرو هوندو…….

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
broken clouds
25 ° C
25 °
25 °
55 %
2.4kmh
75 %
خميس
25 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
29 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون