تازه ترين

پاڪستان دهشتگردي ۽ خارجين خلاف هاڪاري قدم کنيا آهن، دشمن جي ڪنهن به اڳرائي خلاف پاڪ فوج ۽ عوام لوهي ڀت ثابت ٿيندو : ڊي جي آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي ۽ خارجين خلاف هاڪاري قدم کنيا آهن، دشمن جي ڪنهن به اڳرائي خلاف پاڪ فوج ۽ عوام لوهي ڀت ثابت ٿيندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر مردان جي مختلف يونيورسٽين ۽ مدرسن جي استادن ۽ شاگردن سان ويهڪ دوران خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خصوصي ويهڪ ۾ عبدالولي خان يونيورسٽي، وومين يونيورسٽي، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ مدرسن جي استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف حق جي جنگ، پاڪ افغان ڇڪتاڻ ۽ سڪيورٽي صورتحال سميت اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان دهشتگردي ۽ خارجين خلاف هاڪاري قدم کنيا آهن، دشمن جي ڪنهن به اڳرائي خلاف پاڪ فوج ۽ عوام لوهي ڀت ثابت ٿيندو. استادن ۽ شاگردن طرفا غازين ۽ شهيدن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي. استادن جو چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر سان ڳالهه ٻولهه سان سندن پاڪ فوج بابت سمورا شڪ شبها ختم ٿي ويا، قوم امن جي ڪوششن ۽ ملڪي ترقي ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي. شاگردن چيو ته ملڪي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خيبرپختونخوا جا نوجوان پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، کين ان ڳالهه جي آگاهي ملي ته ڪهڙي طرح ملڪ دشمن عنصر ملڪ ۽ فوج خلاف سوشل ميڊيا تي واويلا ڪندا آهن. هنن چيو ته پاڪ فوج جون ملڪ کي پيش ايندڙ خطرن جي خاتمي لاءِ بي مثال قربانيون آهن، هاڻي اها سندن ذميواري آهي ته هو پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
19 %
4.5kmh
8 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون