- Advertisement -
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري پاران ايسٽر جو ڏڻ ملهايو پيو وڃي.
ايسٽر جي موقعي تي مسيحي برادري پاران عبادت گاهن ۾ ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.
ملڪ ۾ گرجا گهرن جي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.
لاهور ۾ ايسٽر جون تقريبون رات کان ئي شروع ٿي ويون آهن.
مسيحي برادري جا ماڻهو خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مائٽن ۽ دوستن ڏانهن ڪيڪ موڪلي خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به دعائيه تقريبون منعقد ڪيون ويون.
سکر ۾ مرڪزي تقريب سينٽ سيويئر چرچ ۾ ٿي، جنهن ۾ مسيحي برادري ملڪ جي ترقي، امن ۽ ڀائيچاري لاءِ دعا گهري.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سمورين اقليتن کي پاڪستان جي آئين تحت برابري جا حق حاصل آهن.
سندن چوڻ هو ته هن وقت حضرت مسيح عليه السلام جي محبت، امن ۽ قرباني جي درس کي عام ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي……- Advertisement -
