- Advertisement -
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تحت چناب درياهه تي پنهنجي حقن جي حفاظت ڪندو، پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪري رهيو آهي، ٻن هفتن کان سفارتي سطح تي تمام گهڻيون مصروفيتون آهن، حڪومت صومالي سامونڊي ڌاڙيلن جي قبضي مان 10 پاڪستانيين جي واپسي لاءِ سرگرم آهي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي طاهر اندرابي چيو ته ٻن هفتن کان سفارتي سطح تي تمام گهڻيون مصروفيتون آهن، وزيراعظم شهباز شريف چين جو ڪامياب دورو ڪيو، پاڪستان ۽ چين مختلف مفاهمتي يادداشتن تي صحي ٿي.
سندس چوڻ هو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊر چين کانپوءِ آمريڪا جو دورو ڪري آمريڪي قيادت سان ملاقاتون ڪيون آهن، ملاقاتن ۾ نائب وزيراعظم امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون، مارڪو روبيو پاڪستان جي ٽياڪڙي ڪردار جي ساراهه ڪئي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته 8 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن پرڏيهي مسجد اقصيٰ ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي مذمت ڪئي، اوڀر القدس جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوششڻ جي به مذمت ڪئي وئي، اسرائيل کان فوري طور غيرقانوني قدم روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ فلسطيني عوام جي جائز حقن جي حمايت جي موقف تي قائم آهي.
پرڏيهي آفيس ڀارت طرفان چناب درياهه جو پاڻي بياس درياهه طرف موڙڻ جي ڪوششن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ سلال ڊيم جي ڊي سلٽنگ جو معاملو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي، پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تحت چناب درياهه تي پنهنجي حقن جي حفاظت ڪندو، ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي.
طاهر اندرابي چيو ته 1978 جي سلال معاهدي تحت ڊيم جي ڊي سلٽنگ جي اجازت ناهي، ڀارت طرفان پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي قانون ۽ سنڌ طاس معاهدي جي روح جي ابتڙ آهي.
هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ سلال ڊيم جي ڊي سلٽنگ بابت پاڪستان کي اڳواٽ آگاهه ناهي ڪيو جيڪا معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان جي خوراڪ جي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جي ڪنهن به ڪوشش سان ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام وڌي سگهي ٿو، سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان کي اولهه درياهن جي پاڻي کي بنا روڪ جي استعمال جو حق حاصل آهي.
طاهر اندرابي والاريل ڪشمير کي عالمي سطح تي مڃيل تڪرار قرار ڏيندي چيو ته ڪنهن به عالمي شخصيت جو والاريل ڪشمير جو دورو خطي جي قانوني ۽ سياسي حيثيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ مقرر سوئس سفير جي والاريل ڪشمير جي دوري بابت سوئس اختيارين سان رابطي ۾ آهن ۽ پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو پيو وڃي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ خطي ۾ امن لاءِ مسلسل سفارتي ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستان جو موقف هميشه اهو رهيو آهي ته اختلافن جو حل جنگ نه پر ڳالهيون ۽ سفارتڪاري آهي.
طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان جي اعليٰ قيادت چين، برطانيا، يورپي يونين ۽ ٻين اهم عالمي ڀائيوارن سان ڀرپور سفارتي رابطا ڪيا آهن، جنهن جو مقصد علائقائي امن، عالمي سهڪار ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ آهي…….- Advertisement -
