تازه ترين

پاڪستان سپر ليگ ٽين جي 29 هين ميچ ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي کي شڪست ڏئي پلي آف لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان سپر ليگ ٽين جي 29 هين ميچ ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي کي شڪست ڏئي پلي آف لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ هوا ۽ برسات جي ڪري دير سان شروع ٿي ۽ ميچ کي 13 اوورن تائين محدود ڪيو ويو، پشاور زلمي ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

پهرين بيٽنگ ڪندي لاهور قلندرز مقرر 13 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 149 رنسون ٺاهيون.

لاهور قلندرز طرفان فخر زمان 60، محمد نعيم 22، آصف علي 18 ۽ ڪشال پريرا 17 رنسون ٺاهيون.

پشاور زلمي پاران احمد دانيال، علي رضا ۽ ڊينئل سمز ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

لاهور قلندرز جي 150 رنسن جي هدف ۾ پشاور زلمي جي ٽيم مقرر 13 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 123 رنسون ٺاهي سگهي، ڊينئل سمز 26 ۽ احمد دانيال 24 رنسون ٺاهيون.

لاهور قلندرز پشاور زلمي کي 26 رنسن سان شڪست ڏئي پلي آف لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو ۽ ان سان گڏ ئي زلمي ٽرافي جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي.

پشاور زلمي پهريون ڀيرو پي ايس ايل جي پلي آف لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

قلندرز جي فتح سان، پي ايس ايل 10 جي پلي آف لائن اپ مڪمل ٿي وئي، ٽي ٽيمون، ڪراچي ڪنگز، اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز، اڳ ئي پلي مرحلي ۾ پهچي چڪيون آهن..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24 ° C
24 °
24 °
25 %
2kmh
30 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون