پاڪستان سپر ليگ ڏهه جي پنجين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ پشاور زلمي کي 102 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪپتان شاداب خان پشاور زلمي خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
اسلام آباد يونائيٽڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 243 رنسون ٺاهيون.
اسلام آباد يونائيٽڊ جي صاحبزاده فرحان 106 رنسن جا ناقابل شڪست اننگز کيڏي، هن 49 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي جنهن ۾ 13 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا.
ان کان علاوه ڪولن منرو 40 ۽ سلمان آغا 30 رنسون ٺاهي نمايا رهيا.
پشاور زلمي طرفان جوزف ۽ حسين طلعت 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
244 رنسن جي هدف ۾ پشاور زلمي جي 19 اووهرن ۾ 141 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پشاور زلمي طرفان محمد حارث 87 رنسون ٺاهي نمايا رهيو ان کان علاوه ڪوبه بيٽسمين سٺي راند نه کيڏي سگھيو.
ڪپتان بابر اعظم هڪ رنس ٺاهي سگھيو جڏهن ته صائم ايوب 6، حسين طلعت 13 رنسن جي اننگز کيڏي.
اسلام آباد يونائيٽڊ طرفان عماد وسيم 3، شاداب خان ۽ بين ڊائورشئس 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.