تازه ترين

پاڪستان طرفان اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان

پاڪستان طرفان اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته قاضي فائز عيسيٰ تي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، سمورن اڳوڻن چيف جسٽسن کي پرڏيهه ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن، چيني شهرين کي ملڪ ۾ هر ممڪن سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گاڏي تي ٿيل حملو ڳڻتي جوڳو آهي، سمورن اڳوڻن چيف جسٽسن کي پرڏيهه ۾ سفارتخاني طرفان سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن.

سندس چوڻ هو ته اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف قطر جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي، وزيراعظم قطري هم منصب ۽ قطر جي امير سان ملاقاتون ڪيون آهن، جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ خطي جي صورتحال سميت مختلف معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف قطر دوري کان اڳ سعودي عرب جو دورو ڪيو، وزيراعظم، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي جتي شهباز شريف جي ويٽنام جي وزيراعظم سان به ملاقات ٿي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان برڪس ۾ شموليت جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان برڪس جي ميمبرشپ لاءِ سمورا شرط مڪمل ڪيا آهن، چيني شهرين کي ملڪ ۾ هر ممڪن سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي……….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
46 %
1kmh
7 %
اڱارو
8 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون