تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان طرفان اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان

- Advertisement -
پاڪستان طرفان اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته قاضي فائز عيسيٰ تي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، سمورن اڳوڻن چيف جسٽسن کي پرڏيهه ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن، چيني شهرين کي ملڪ ۾ هر ممڪن سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گاڏي تي ٿيل حملو ڳڻتي جوڳو آهي، سمورن اڳوڻن چيف جسٽسن کي پرڏيهه ۾ سفارتخاني طرفان سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن. سندس چوڻ هو ته اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف قطر جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي، وزيراعظم قطري هم منصب ۽ قطر جي امير سان ملاقاتون ڪيون آهن، جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ خطي جي صورتحال سميت مختلف معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف قطر دوري کان اڳ سعودي عرب جو دورو ڪيو، وزيراعظم، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي جتي شهباز شريف جي ويٽنام جي وزيراعظم سان به ملاقات ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان برڪس ۾ شموليت جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان برڪس جي ميمبرشپ لاءِ سمورا شرط مڪمل ڪيا آهن، چيني شهرين کي ملڪ ۾ هر ممڪن سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون