پاڪستان طرفان غزه ۾ فوري جنگ بندي جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ منظور ٿيڻ جي آجيان

- Advertisement -
پاڪستان طرفان غزه ۾ فوري جنگ بندي جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ منظور ٿيڻ جي آجيان ڪئي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جـِي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ فوري جنگ بندي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ منظور ڪيل ٺهراءُ ۾ رمضان المبارڪ ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، غزه ۾ امداد جي فراهمي ۽ شهرين جي تحفظ جي مطالبي جي آجيان ڪري ٿي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا اسرائيل طرفان طاقت جي انڌي استعمال جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۾ منطور ڪيل ٺهراءُ تي تيزي سان عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿو، اميد آهي ته اسرائيل جي وحشياڻا حملا ختم ۽ مستقل جنگ بندي کي يقيني بڻايو ويندو، هي قدم غزه ۾ موجوده سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان خودمختار فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت جاري رکندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
moderate rain
17.6 ° C
17.6 °
17.6 °
71%
3.4m/s
46%
اربع
20 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون