تازه ترين

پاڪستان طرفان پاڪ -افغان سرحد وٽان گرفتار ڪري امريڪا حوالي ڪيل داعش جو دهشتگرد شريف الله ورجينيا جي عدالت ۾ پيش

- Advertisement -
پاڪستان طرفان پاڪ افغان سرحد وٽان گرفتار ڪري آمريڪا حوالي ڪيل داعش جي دهشتگرد شريف الله کي ورجينيا جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. شريف الله کي عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ پيش ڪيو ويو جڏهن ته تفصيلي پيشي سومر تي ٿيندي. شريف الله جج سان ڳالهائڻ لاءِ ترجمو ڪندڙ جون خدمتون ورتيون. آمريڪي انصاف جي کاتي موجب، شريف الله ڪابل حملي ۽ حملو ڪندڙ کي فرار ڪرائڻ ۾ مدد ڏيڻ جو اعتراف ڪيو آهي. شريف الله مارچ 2024 ۾ ماسڪو جي سٽي هال ۾ حملي ملوث هجڻ جو به اعتراف ڪيو آهي. ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان ۾ آمريڪي فوج تي حملي جي ذميوار دهشتگرد جي گرفتاري تي پاڪستاني حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن. ٽرمپ ڪانگريس جي اجلاس کي پهرين خطاب ۾ چيو هو ته ساڍا ٽي سال اڳ حملي ۾ 13 امريڪي اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا، ان دهشتگردي جي  واقعي جي ذميوار کي پڪڙيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون