تازه ترين

پاڪستان غزا تي اسرائيلي حملن کي فلسطينين جي نسلي ڪشي قرار ڏئي ڇڏيو

پاڪستان غزا تي اسرائيلي حملن کي فلسطينين جي نسلي ڪشي قرار ڏئي ڇڏيو، نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته اسرائيل ڇهن ڏهاڪن کان فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي،  غزا جو گهيراءُ ڪري فلسطينين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، اسرائيل کي فلسطين بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ڪرڻ گهرجي،  فلسطين ۾ ٻارڙا ۽ عورتون  به محفوظ نه آهن،  پاڪستان جو فلسطين بابت موقف واضح آهي.

اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جليل عباس جيلاني چيو اسرائيل فلسطين جي مظلوم عوام جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، وڏي انگ ۾ معصوم ٻارڙا ۽ عورتون شهيد ٿي چڪيون آهن، هو غزه جي گهيراءَ جي مذمت ڪن ٿا، غزه جي ماڻهن وٽ نه پاڻي آهي ۽ نه کاڌو آهي.

سندس چوڻ هو ته فلسطين مسئلي تي پاڪستان جو هميشه واضح موقف رهيو آهي، شهري آبادي تي حملن ۽ غزه جي گهيراءَ جي سخت مذمت ڪن ٿا.

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته اسرائيل ڇهن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان فلسطينين تي ظلم ڪري رهيو آهي، اسرائيل کي فلسطين بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن جو احترام ڪرڻ گهرجي، غزه ۾ انساني امداد لاءِ گڏيل قومن سان رابطي ۾ آهن.

هن چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس شريف گادي واري شهر سان هڪ آزاد فلسطيني رياست چاهي ٿو.

نگران پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي جو خصوصي اجلاس 18 آڪٽوبر تي جده ۾ ٿيندو، جنهن ۾ هو پرڏيهي وزير طور شرڪت ڪندو، او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي جده اجلاس ۾ انساني الميو به ايجنڊا تي آهي.

سندس چوڻ هو ته اسرائيل جي معاملي تي پاڪستان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، وچ اوڀر ۾ فلسطين مسئلي جو حل ڪڍڻ اڻٽر آهي، پاڪستان جو فلسطين بابت موقف ماضي سان جڙيل آهي.

نگران پرڏيهي وزير چيو ته هو سعودي عرب سان رابطي ۾ آهن ۽ چين سان سي پيڪ تي ڳالهيون هلي رهيون آهن، سي پيڪ جي سڪيورٽي بابت ٻاهرين سببن جي ڪري مسئلا آهن.

جليل عباس جيلاني چيو ته نگران وزيراعظم، چيني صدر جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي،  انوار الحق ڪاڪڙ چيني صدر سان به ملاقات ڪندو، جنهن ۾ چيني قيادت سان گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

نگران پرڏيهي وزير چيو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ عالمي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو، انوار الحق ڪاڪڙ چين جي واپارين سان به ملاقاتون ڪندو ۽ ڪيترن ئي ايم او يوز تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون.

جليل عباس جيلاني چيو ته زراعت، گرين انرجي ۽ ٻين معاملن تي مفاهمتي يادداشتن جي معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون ۽ مختلف شعبن ۾ وڌيڪ سهڪار جي امڪانن جو جائزو ورتو ويندو.

نگران پرڏيهي وزير چيو ته انوار الحق ڪاڪڙ جي چين دوري سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گڏيل سهڪار ۾ اضافو ٿيندو، بيجنگ ۾ 2 ڏينهن گذارڻ کانپوءِ نگران وزيراعظم سنڪيانگ جو دورو ڪندو جتي سنگيانگ يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندو.

جليل عباس جيلاني چيو ته نگران وزيراعظم سنڪيانگ ۾ واپارين سان ملاقات ڪندو ۽ سنڪيانگ جي مسجد ۾ جمعي جي نماز به ادا ڪندو، سي پيڪ کي سست نه ڪيو ويندو، سي پيڪ کي تيزيءَ سان اڳتي وڌايو ويندو.

نگران پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان سان سندن لاڳاپا تمام سٺا آهن، زلزلي کانپوءِ افغانستان طرفان ضرورتن بابت ٻڌايو ويو بعد ۾ افغانستان چيو ته سندن ضرورتون اندروني طور پوريون ڪيون ويون آهن.

جليل عباس جيلاني چيو ته دنيا ۾ اهو تاثر آهي ته ڀارت مختلف ملڪن ۾ جاسوسي ۽ قتل ۾ ملوث آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون