پاڪستان غوري ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان غوري ويپن سسٽم جو تجربو ڪيو، جنهن جو مقصد آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي آپريشنل ۽ فني تيارين کي جاچڻ هو.
ڪمانڊر آرمي اسٽريٽجڪ فورس ڪمانڊ، اسٽريٽجڪ فورسز جي سينيئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن ڪامياب تجربي جو مشاهدو ڪيو.
ايَ ايس ايفسي جي ڪمانڊر آرمي اسٽريٽجڪ فورسز جي تربيتي ۽ آپريشنل معيار جي واکاڻ ڪئي.
هن پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيت ۾اضافي لاءِ سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي ڪوشش کي به ساراهيو.
صدر، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفز ڪامياب تجربي تي واڌايون ڏنيون