پاڪستان فلم ۽ ڊرامه انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ڪبريٰ خان دبئي جي گولڊن ويزا ملي ويو آهي.
ڪبرِيٰٰ خان پنهنجي آفشل انسٽاگرام هينڊل تي تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس دبئي جي گولڊن ويزا وصول ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
اداڪارا پوسٽ ۾ لکيو ته کيس هڪ اهڙي ملڪ جي گولڊن ويزا حاصل ڪرڻ تي خوشي آهي جيڪو اولهه ۽ اوڀر ٻنهي ۾ بهترين آهي.
ڪبريٰ خان لکيو ته گولڊن ويزا حاصل ڪرڻ تي هوءَ گڏيل عرب رياستن جي حڪومت جي ٿورائتي آهي.
اداڪارا چيو ته ان عمل ۾ محمد معظم قريشيءَ سندس وڏي مدد ڪئي، اهو ان کانسواءِ ناممڪن هو.
دبئي جي گولڊن ويزا ان کان اڳ به ڪيترن ئي شوبز ستارن کي ملي چڪو آهي، گولڊن ويزا هولڊر کي ڏهن ورهين تائين دبئي ۾ مستقل رهائش سميت ٻيون سهولتون ملنديون آهن…..