پاڪستان وائٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ڪپتاني تان استعيفى ڏئي ڇڏي آهي.
بابر اعظم سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو ته هن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتاني تان استعيفى ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هو رانديگر طورڪردار ادا ڪرڻ تي ڏيان ڏيڻ ۽ فيملي سان وقت گذارڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته هن وقت تائين جيڪو حاصل ڪيو ان تي فخر محسوس ڪري ٿو، رانديگر طور پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ذريعن موجب بابر اعظم پنهنجي گهرواري ۽ ويجهن دوستن سان صلاح مشوري کانپوءِ استعيفيٰ ڏني آهي، هو ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪپتاني جي حوالي سان ويجهن دوستن سان صلاح مشورا ڪري رهيو هو.