تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان ٻي ون ڊي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد افغانستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان ٻي ون ڊي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد افغانستان کي شڪست ڏئي ڇڏي.

سريلنڪا جي شهر هَمبنٽوٽا ۾ کيڏيل ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان آخري وڪيٽ تي هدف حاصل ڪيو.

افغانستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو بهتر ثابت ٿيو، افغان اوپنرن ٽيم کي 227 رنسن جي بهتر شروعات ڪئي ۽ افغان ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي ٽي سئو رنسون ٺاهيون.

 افغان اوپنر رحمان الله گرباز 151 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ شاهين آفريدي جو شڪار بڻيو، سندس اننگز ۾ ٽي ڇڪن ۽ 14 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته ٻئي اپنر ابراهيم زادران 80 رنسون ٺاهي اسامه مير جو شڪار ٿيو.

ان کانسواءِ محمد نبي 29، راشد خان 2 ۽ شاهدالله هڪ رنس ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، ڪپتان هشمت الله شاهدي 15 ۽ عبدالرحمان 4 رنسن سان گڏ ناٽ آئوٽ رهيا.

پاڪستان طرفان نسيم شاهه 9 اورن ۾ 45 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، اسامه مير 10 اورن ۾61 رنسون ٺاهي هڪ وڪيٽ ورتي، جڏهن ته حارث رئوف ستن اوورن ۾ 48 ۽ شاداب خان 10 اوورن ۾ 53 رنسون ڏنيون.

جواب ۾ قومي ٽيم 301 رنسن جو  حدف 49 هين اوور ۾ آخري وڪيٽ تي هاصل ڪيو.

قومي ٽيم جي اوپنرن ذميوراڻي انداز ۾ شروعات ڪئي ۽ ٽيم کي 52 رنسن جي پاٽنرشپ فراهم ڪئي، 30 رنسن تي فخر زمان فضل حق جي بال تي بولڊ ٿي ويو.

ان کانپوءِ ڪپتان بابر اعظم اچي اوپنر امام الحق سان گڏجي ٽيم جو اسڪور 170 تائين پهچايو، جنهن دوران بابر به فضل حق جو شڪار بڻيو  ۽ هن 53 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن بعد پاڪستاني بيٽنگ لائن مشڪلاتن جو شڪار نظر آئي.

آغا سلمان 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ رضوان به صرف 2 رنسون ٺاهي سگهيو، امام الحق به 91 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، شاداب خان بهتر اننگز کيڏي ۽ 35 بالن تي 48 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو.

آخري اوورن ۾ نسيم شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر وننگ اننگز کيڏي ۽ هن قيمتي 10 رنسون ٺاهي فتح افغانستان ٽيم جي هٿ مان کسي ورتي.

افغانستان طرفان فضل الحق فاروقي ٽي، محمد نبي ٻه، مجيب الرحمان ۽ عبدالرحمان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
27.4 ° C
27.4 °
27.4 °
19 %
3kmh
97 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون