تازه ترين

پاڪستان ٽئين ون ڊي ميچ ۾ افغانستان کي 59 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز وائٽ واش ڪري ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان ٽئين ون ڊي ميچ ۾ افغانستان کي 59 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز وائٽ واش ڪري ڇڏي، ان ڪاميابيءَ سان پاڪستان آءِ سي سي وي ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو آهي.

ڪولمبو ۾ کيڏيل ٽن ميچ تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان  ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽيم مقرر اوورن ۾ اٺن وڪيٽن جي نقصان تي 268 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان محمد رضوان 67،  بابر اعظم 60، آغا سلمان 38 ۽ محمد نواز 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

افغان ٽيم طرفان فريد احمد ۽ گلبدين نائب 2-2، فاروقي، مجيب الرحمان ۽ راشد خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان طرفان مليل 269 رنسن جي جواب ۾ افغان ٽيم  48 ڏهائي 4 اوورن ۾ 209 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ائين پاڪستان 59 رنسن تان ميچ پنهنجي نالي ڪئي.

افغان ٽيم طرفان مجيب الرحمان شاندار راند جو مظاهرو ڪندي پنجن ڇڪن ۽ پنجن چوڪن مدد سان  37 بالن تي 64 رنسن جي تيز رفتار اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ رياض حسن 34، شاهد الله 37 رنسون ٺاهي ناميان رهيا.

پاڪستان طرفان شاداب خان 3، فهيم اشرف، شاهين شاهه ۽ محمد نواز 2-2، جڏهن ته آغا سلمان هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

افغانستان خلاف ون ڊي سيريز وائٽ واش ڪرڻ سان پاڪستاني ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي پهريون نمبر ٽيم بڻجي وئي آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
44 %
1.6kmh
64 %
اڱارو
25 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °

تازه ترين خبرون