پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ سردار علي گوهر خان مهر ۾ قربتون وڌڻ لڳيون.
پ پ مخالف سردار علي گوهر خان مهر ۽ آصف علي زرداري وڏي وقت کانپوءِ هڪٻئي کي ڀاڪر پائي مليا.
اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر شاھه جي پٽ جي وليمي ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سردار علي گوهر خان مهر مُرڪي مليا.
ٻنهي وچ ۾ ملڻ واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، سردار حاجي خان مھر به تصويرون پنهنجي اڪائونٽ تي رکي ڇڏيون.
سردار علي گوهر خان مهر ۽ فريال ٽالپر وچ ۾ به وليمي دوران ملاقات جون تصويرون گردش ڪرڻ لڳيون……..