تازه ترين

پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: نوازشريف

- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، 3 ڄڻا ويهي 25 ڪروڙ عوام جي نمائندي کي سڄي عمر لاءِ نااهل ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟، 93ع ۾ سندن حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته پاڪستان ايشيا ۾ سڀ کان اڳتي هجي ها، کيس ن ليگ جي صدارت تان هٽائڻ جو فيصلو ڪنهن ٻئي هنڌان آيو هو. لاهور ۾ ن ليگ جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ن ليگ جي قائد نوازشريف چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙو سبب هو  جو 93ع ۾ سندن حڪومت ڪيرائي وئي،  ان وقت سندن حڪومت کي هلڻ ڏنو وڃي ها ته پاڪستان ايشيا ۾ سڀ کان اڳتي هجي ها. هن چيو ته ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻائڻ تي کيس موت جي سزا ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، سندس خلاف ڪجهه نه مليو ته ستن ورهين لاءِ جلا وطن ڪيو ويو. نوازشريف چيو ته جلاوطنيءَ بعد هو واپس آيو، 2013ع ۾ سندن حڪومت آهي، اقتدار ۾ اچڻ بعد هو بني گالا ويو، ان وقت کيس سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي، سازش ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جن پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪيو، انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ن ليگ جي قائد چيو ته 3 ڄڻا ويهي 25 ڪروڙ عوام جي نمائندي کي سڄي عمر لاءِ نااهل ڪيئن ٿا ته ڪري سگهن؟ کيس پٽ کان 10 هزار درهم پگهار نه وٺڻ تي نااهل ڪيو ويو. نواز شريف چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس جي آڊيو موجود آهي، جيڪو چئي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي آڻڻو آهي، ڇا ان جو احتساب نه ٿيڻ گهرجي؟ اهي شيون ٺيڪ ٿينديون ته ملڪ ٺيڪ ٿيندو. هن چيو ته 2013ع ۾ هو نه چاهن ها ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت نه ٺهي ها، مولانا کي چيو ته سنگل لارجيسٽ پارٽيءَ کي حڪومت ٺاهڻ ڏيو، جنهن تي فضل الرحمان چيو ته اهو فيصلو درست ثابت نه ٿيندو. نوازشريف چيو ته کيس هٽائي اهڙي شخص کي آندو ويو، جنهن ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي، فيصلو  ڏيندڙ ججن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي. ن ليگ جي قائد چيو ته کيس ن ليگ جي صدارت تان هٽائڻ پارٽي جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جو نه هو، اهو فيصلو ڪنهن ٻئي هنڌ تان آيو هو. نوازشريف چيو ته قوم کان شڪايت آهي ته کيس پگهار نه وٺڻ تي ڪڍيو ويو پر قوم خاموش رهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.4 ° C
28.4 °
28.4 °
33 %
3kmh
5 %
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون