پاڪستان کي سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل ميمبرشپ لاءِ 182 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي، سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو : پرڏيهي آفيس جي ترجمان

- Advertisement -
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي دوري دوران پاڪستان ۽ چين ۾ اعليٰ سطحي ملاقاتون ٿيون آهن، وزيراعظم چيني سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي،  پاڪستان کي سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل ميمبرشپ لاءِ 182 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي، سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو،  فلسطين مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت حل ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چين جي دوري تي آهي، وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به آهي. سندس چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ اعليٰ سطح جون ملاقاتون ٿيون، جن ۾ عالمي ۽ علاقائي معاملن بابت تفصيلي ڳالهين ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف شينزن جي دوري ۾ مختلف سيڙپڪارن ۽ ڪمپنين سان ملاقات ڪئي، چيني سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان کي سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل ميمبرشپ لاءِ 182 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي، سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان، فلسطين مسئلي جو گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت حل چاهي ٿو ۽ غزا ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ٿو. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ گذريل ڏهاڪي ۾ 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو، پاڪستان ڪشمير مسئلي جي حل تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار استنبول جو دورو ڪندو ۽ غزا صورتحال بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندو، ترڪيه ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات به ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21 ° C
21 °
21 °
23%
3.6m/s
6%
اڱارو
21 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون