تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان کي شيون ٻاهر موڪلڻ جو مرڪز ٺاهڻو آهي، پائيدار معاشي ترقي لاءِ سڌارا اڻٽر آهن : محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير ۽ سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان کي شيون ٻاهر موڪلڻ جو مرڪز ٺاهڻو آهي، پائيدار معاشي ترقي لاءِ سڌارا اڻٽر آهن. دي فيوٽر سمٽ جي نائين ايڊيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته معيشت ۾ خانگي شعبي جو ڪردار گهڻو اهم آهي، ملڪ کي خانگي سيڪٽر کي ليڊ ڪرڻو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پيداوار تي ٻڌل معاشي ترقي ئي پائيدار رستو آهي، پاڪستان جي معيشيت صحيح رستي تي هلي رهي آهي، عالمي ريٽنگ ايجنسي پاڪستان جي معاشي بهتري جو اعتراف ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته گورنمينٽ جو ڪم ايڪو سسٽم فراهم ڪرڻ آهي، اي آءِ تي ٻڌل ترقي جي لاءِ ايڪو سسٽم ٺاهڻو پوندو، دنيا ۾ معاشي نظام بهتري طرف وڃي رهيو آهي. محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته ڪيترائي ملڪ معاشي نظام ۾ سڌارا آڻي رهيا آهن، دنيا ۾ ٽيرف رجيم کي وڌيڪ فوڪس ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ٿرڊ لارجسٽ فري لانسرز جي فهرست ۾ شامل آهي، پاڪستان کي شيون ٻاهر موڪلڻ جو مرڪز بڻائڻو آهي، پائيدار معاشي ترقي جي لاءِ سڌارا اڻٽر آهن. سندس چوڻ هو ته ڊجيٽائزيشن سان معيشيت ۾ شفافيت ايندي، بليو اڪانومي ۾ ڀرپور صلاحيت موجود آهي، ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندڙن جي تعداد ۾ واڌ ٿي آهي، 9 لک نوان فائلرز شامل ٿيا آهن. محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته ڪارپوريٽ منافعو 9 سيڪڙو وڌيو آهي، گوگل پاڪستان کي ايڪسپورٽ هب بڻائڻ جو منصوبو ٺاهڻ چاهيون ٿا، آءِ ٽي ۽ ميري ٽائم سيڪٽر تي فوڪس هوندو. ناڻي واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته بليو اڪانومي کي هٿي ڏيڻ جا ڪيترائي موقعا موجدو آهن، پرڏيهي ڪمپنين پاڪستان کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش هنڌ قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ڪو حتمي مقصد نه بلڪ معيشيت تي سيڙپڪاري اعتماد جو ذريعو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
10 %
3.2kmh
32 %
آچر
22 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °
اربع
26 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون