تازه ترين

پاڪستان کي هڪ نئين شروعات جي ضرورت آهي: مريم نواز

مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ نئين شروعات جي ضرورت آهي، نواز شريف دشمني جي سوچ پاڪستان دشمني ۽ عوام دشمني جي سوچ آهي، ملڪ کي بدلي، ٽڪراءُ ۽ ڏڦيڙ جي سياست مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو پوندو.

لاهور ۾ پارٽيءَ جي مختلف ونگز جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف کي الله تعاليٰ سرخرو ڪيو آهي، هاڻي پاڪستان کي سرخرو ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته هر ڀيري نواز شريف کي پلس ڪيو آهي، کيس مائنس ڪرڻ جي هر ڪوشش مائنس ٿي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي بغض ۾ عوام کي سزا ڏني وئي، اميد آهي ته اڄ کان عدليه جي ايوانن ۾ انصاف جي واپسي ٿيندي.

مريم نواز چيو ته اميد آهي ته نواز شريف ۽ سندس ساٿين کي پراجيڪٽ جي ساٿين جي ناانصافين مان ڇوٽڪارو ملندو

هن چيو ته نواز شريف جي دشمني واري سوچ اصل ۾ پاڪستان دشمني ۽ عوام سان دشمني جي سوچ آهي.

مريم نواز چيو ته پاڪستان هاڻي نئين شروعات جي ضرورت آهي، ملڪ کي بدلي، ٽڪراءَ ۽ ڏڦيڙ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو پوندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
22 ° C
22 °
22 °
51 %
3kmh
44 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
26 °

تازه ترين خبرون