تازه ترين

پاڪستان کي وڌندڙ شدت پسندي جي خطري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ قومي اتحاد ۽ سياسي عزم جي ضرورت آهي : شازيه مري

- Advertisement -
پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان کي وڌندڙ شدت پسندي جي خطري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ قومي اتحاد ۽ سياسي عزم جي ضرورت آهي. جاري ڪيل بيان ۾ شازيه مري چيو ته هنن محترمه بينظير ڀٽو کي دهشتگردي هٿان وڃايو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هميشه دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف واضح ۽ جرئتمنداڻو موقف اختيار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪوبه ملڪ پنهنجي علائقي کي پنهنجي ڀاڙيسري خلاف تشدد لاءِ استعمال ٿيڻ نٿو ڏئي سگهي، بلاول ڀٽو زرداري هميشه نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو. پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان چيو ته افسوس ته ڪي پي ۾ غفلت ۽ خراب حڪمراني شدت پسندي ۽ مجرماڻي نيٽ ورڪ کي ٻيهر ڪَـرُ کڻڻ جي اجازت ڏني آهي، جڏهن ادارا بروقت ڪارروائي ناهن ڪندا ته انتهاپسند ان جو فائدو وٺي خوف ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندا آهن. شازيه مري چيو ته پاڪستان کي پنهنجي شهرين جي حفاظت ۽ سرحدن ۾ امن قائم رکڻ جو هر حق حاصل آهي، دهشتگردي هڪ ناسور آهي، ان جو خاتمو فوري ۽ اڻٽر آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ رڳو سڪيورٽي فورسز جي ناهي پر سمورن سياسي ۽ سماجي اسٽيڪ هولڊرن جي گڏيل ڪوشش هئڻ گهرجي. پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان چيو ته هو پنهنجي سڪيورٽي فورسز کي قربانين تي سلام پيش ڪن ٿا جيڪي دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ رڌل آهن. شازيه مري چيو ته دهشتگردي جي هن جنگ ۾ شهيد ٿيل سمورن شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪن ٿا، امن ۽ استحڪام پاڪستان جو قطعي مقصد آهن، هو محفوظ ۽ خوشحال مستقبل لاءِ مسلسل ڪوشش ڪندا رهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون