تازه ترين

دشمن جي ايجندا تحت ڪم ڪندڙ دهشتگرد ۽ سندن مددگارن کي رياست اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ واري  دشمن جي ايجنڊا تحت ڪم ڪندڙ دهشتگردن، سندن مددگارن ۽ همٿائڻ وارن کي رياست  آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا، امن لاءِ ڏنل قربانيون ضايع نه ٿينديون.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان جي ان علائقي شيروانگي جو دورو ڪيو، جتي پاڪ  فوج ڇهه جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيل جوانن جي عيادت ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب  آرمي چيف کي سڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته شهيد سندن فخر آهن، پاڪستان ۾ مڪمل امن ۽ استحڪام جي بحالي تائين سندن قربانيون ضايع نه وينديون.

هن چيو ته پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ واري دشمن جي ايجنڊا تحت ڪم ڪندڙ دهشتگردن ۽ سندن مددگارن کي رياست آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا.

ڏکڻ وزيرستان پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر پشاور آرمي چيف جنرل عاصم منير جو آڌرڀاءُ ڪيو

سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪندڙ دشمنن کي بخش نه ڪيو ويندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون