تازه ترين

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين اعجاز بٽ لاڏاڻو ڪري ويو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين اعجاز بٽ 85 ورهين جي ڄمار ۾ ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو.

اعجاز بٽ جي ناٺي عارف سعيد تصديق ڪندي چيو ته اعجاز بٽ جي عمر 85 ورهيه هئي ۽ هڪ ڊگهي عرصي کان بيمار هو.

عارف سعيد چيو ته اعجاز بٽ 8 ٽيسٽ ميچز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ هو 2008ع کان 2011ع تائين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين رهيو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اعجاز بٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو.

پي سي بي ترجمان موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار به ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
22 %
7.2kmh
19 %
ڇنڇر
8 °
آچر
8 °
سُومر
9 °
اڱارو
11 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون