پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي افغان پناهگيرن بابت پاليسي تبديل نه ٿي آهي، لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي پئي وڃي، پاڪستان ڪنهن خاص شهريت خلاف ناهي، ملڪ ۾ سمورن غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ٽرانس هماليه فورم جي اجلاس کي خطاب ڪيو، نگران پرڏيهي وزير، فورم جي سائيڊ لائن تي چيني هم منصب سان ملاقات به ڪئي جنهن دوران خطي سميت علاقائي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
سندس چوڻ هو ته نگران پرڏيهي وزير، منگوليا جي نائب وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جا ظلم جاري آهن، والاريل وادي ۾ سيپٽمبر ۾ ڀارتي فوج 13 ڪشميرين کي شهيد ڪيو.
هن چيو ته ڀارت پاڪستان مخالف پروپيگنڊا ۾ رڌل آهي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي سڪيورٽي ميزبان ملڪ جي ذميواري آهي، سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ڀارتي حڪومت جي ذميواري آهي.