تازه ترين

پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جو گڏاڻي ۽ سپر هاءِ وي تي ڪارروايون،سمنڊ رستي شراب جي ڪئي ويندڙ سمگلنگ ناڪام

- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي گڏاڻي ۽ سپر هاءِ وي تي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز سمگلنگ خلاف ڪاررواين دوران اعليٰ ڪوالٽي جو پرڏيهي شراب هٿ ڪري ورتو آهي. پاڪستان ڪوسٽ گارڊز انٽيليجنس بنياد تي ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران گڏاڻي ويجهو سمنڊ رستي سمگل ٿيندڙ اعليٰ ڪوالٽي جي پرڏيهي شراب جون هڪ هزار 973 بوتلون هٿ ڪري ورتيون. پاڪستان ڪوسٽ گارڊز سپر هاءِ وي تي مسافر ڪوچ ذريعي سمگل ٿيندڙ شراب جون 102 بوتلون هٿ ڪيون. پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ترجمان جو چوڻ آهي ته هٿ ڪيل شراب جي عالمي مارڪيٽ ۾ ماليت 63 هزار آمريڪي ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي، شراب قبضي ۾ وٺي قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ڪاررواين ۾ شامل آفيسرن ۽ جوانن جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي. پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪوسٽ گارڊز هر قسم جي منشيات ۽ غيرقانوني شين جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، ملڪي معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون