- Advertisement -
پاڪستان ڪوسٽ گارڊ گوادر جي علائقي پيشوگان ۾ ڪارروائي ڪندي وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي آهي.
ڪوسٽ گارڊ ترجمان جو چوڻ آهي ته انٽيليجنس بنيادن تي منشيات سمگلنگ جي اطلاعن تي گوادر جي علائقي پليري ۾ ڪارروائي ڪري جهنگ ۾ وڏي مقدار ۾ لڪايل منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران 14سئو ڪلو گرام چرس، 105ڪلو گرام آئس، 8 ڪلو گرام هيروئن ۽ ساڍا 6 ڪلو گرام آفيم هٿ ڪئي وئي.
ترجمان جو چوڻ هو ته ڪوسٽ گارڊ جي هڪ ٻي ڪارروائي دوران سنيپ چيڪنگ دوران 476 ڪلو گرام چرس هٿ ڪئي وئي.
ترجمان جو چوڻ هو ته خدشو آهي ته هٿ ڪيل سموري منشيات سمنڊ رستي پرڏيهه سمگلنگ ٿيڻي هئي.
سندس چوڻ هو ته پڪڙيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت لڳ ڀڳ 134 ڏهائي 43 ملين ڊالر آهي.- Advertisement -
