تازه ترين

پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان ڪشمير مسئلي بابت اثرائتا قدم کڻڻ جو مطالبو

- Advertisement -
پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان ڪشمير مسئلي بابت اثرائتا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو ته يو اين امن مشنز جو بنياد سياسي حل تي هئڻ گهرجي، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ساک جو امتحان آهي. سندس چوڻ هو ته ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي ڊگهي عرصي کان موجود آهي، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ جٽادار حل نڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻا پوندا. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قديم مشنر ۾ هڪ جي ميزباني ڪري رهي آهي، پاڪستان هن وقت تائين چئن کنڊن ۾ 2 لک 35 هزار کان وڌيڪ فوجي اماڻي چڪو آهي، جن مان 182 اهلڪارن امن لاءِ جانين جو نذرانو ڏنو. عاصم افتخار چيو ته امن مشنر جي ڪاميابي لاءِ سلامتي ڪائونسل جو متحد ۽ جٽادار سياسي سهڪار اڻٽر آهي، پاڪستان مضبوط ۽ سياسي بنيادن تي ٻڌل يو اين مشن نظام جي حمايت جاري رکندو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
15.9 ° C
15.9 °
15.9 °
7 %
1.1kmh
38 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون