تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ  ڳالهيون اڄ کان شروع ٿينديون

- Advertisement -
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ  ڳالهيون اڄ کان شروع ٿينديون، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو وفد اقتصادي جائزي لاءِ اڄ پاڪستان پهچندو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب اقتصادي جائزي لاءِ ڳالهيون 15 مارچ تائين جاري رهنديون، آءِ ايم ايف وفد جي قيادت ناٿن پورٽر جڏهن ته پاڪستاني وفد جي قيادت ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد، ناڻي واري وزارت، ايف بي آر، پاور ڊويزن ۽ اسٽيٽ بينڪ جي عملدارن سان ڳالهيون ڪندو. ڳالهين دوران پاڪستان 7 ارب ڊالر قرض پروگرام جي شرطن تي عملدرآمد رپورٽ پيش ڪندو. ذريعن موجب، پاڪستان هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي بابت رپورٽ به آءِ ايم ايف وفد کي پيش ڪندو. پهرين مرحلي ۾ ٽيڪنڪي ۽ ٻي مرحلي ۾ پاليسي سطح  جون ڳالهيون ٿينديون جڏهن ته آءِ ايم ايف جو وفد ايندڙ مالي سال 2025-26 جي بجيٽ لاءِ تجويزون به ڏيندو، آءِ ايم ايف جي راضپي جي صورت ۾ ئي پگهاردار طبقي کي رليف ملي سگهندو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد کي زرعي آمدن تي ٽيڪس بابت بريفنگ ڏني ويندي جڏهن ته پراپرٽي سيڪٽر تي ٽيڪسز جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويندو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
20 %
0.7kmh
3 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون