تازه ترين

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 7 ارب ڊالر جي قرض لاءِ پاليسي ڳالهيون شروع

- Advertisement -
پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري وچ ۾ ٽيڪنيڪي ڳالهيون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ  پاليسي سطح جون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪنيڪي ڳالهين جو پهريون سيشن ناڻي واري وزارت ۽ ٻيو ايف بي آر جي اختيارين سان مڪمل ٿيو. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾  پاليسي سطح جي ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي. پاليسي سطح تي ڳالهين جي قيادت ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽  ناٿن پورٽر ڪري رهيا آهن. عالمي مالياتي اداري جي وفد کي مالياتي خساري، پرائمري بيلنس، صوبن جي سرپلس، روينيو ڪليڪشن بابت تفصيل پيش ڪيا ويا آهن. وفد سانهلندڙ مالياتي سال لاءِ جون کان جنوري تائين روينيو تي ڳالهيون ڪيون ويون، اقتصادي ونگ، بجيٽ ونگ، ايڪسٽرنل ونگ، ريگوليشنز، ڊي جي ڊيٽ تي بريفنگ ڏني وئي. وفد کي آگاهه ڪيو ويو ته  جولاءِ کان ڊسمبر مهيني تائين مالياتي خسارو هڪ هزار 537 ارب رپيه رڪارڊ ڪيو ويوآهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 7 ارب ڊالر جي قرض پروگرام لاءِ پاليسي سطح جون ڳالهيون  ٻن هفتن تائين جاري رهنديون. ڳالهين کانپوُءِ جائزه مشن پنهنجون سفارشون آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ کي پيش ڪندو جيڪو هلندڙ مهيني جي آخر يا اپريل جي شروعات ۾ هڪ  ڏهائي هڪ ارب ڊالر جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ ۽ بجلي سستي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت قطعي فيصلو ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
34.6 ° C
34.6 °
34.6 °
5 %
1.2kmh
16 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون