پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان آئرلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
قومي ٽيم 194 رنسن جو هدف 17 هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، فخر زمان 78 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي جڏهن ته محمد رضوان 75 رنسن ۽ اعظم خان 30 رنس ٺاهيون، صائم ايوب 6 ۽ ڪپتان بابر اعظم ٻڙي تي پويلين موٽي ويو.
آئرش ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنسون ٺاهيون، لورڪن ٽِڪر 51 رنسون ٺاهي نمايان رهيو جڏهن ته هيري ٽيڪٽر 32، گيرٿ ڊيلاني 28 ۽ ڪرٽس چيمپر 22 رنسون ٺاهيون
پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 3، عباس آفريدي 2 جڏهن ته محمد عامر ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
آئرلينڊ جي شهر ڊبلن ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻئي ميچ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي ميزبان ٽيم جي ڪپتان پال اسٽرلنگ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
واضح رهي ته پاڪستان 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي آهي، سيريز جي پهرين ميچ ۾ آئرش ٽيم شاهين کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي…