تازه ترين

پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان آئرلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان آئرلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. قومي ٽيم 194 رنسن جو هدف 17 هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، فخر زمان 78 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي جڏهن ته محمد رضوان 75 رنسن ۽ اعظم خان 30 رنس ٺاهيون، صائم ايوب 6 ۽ ڪپتان بابر اعظم ٻڙي تي پويلين موٽي ويو. آئرش ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنسون ٺاهيون، لورڪن ٽِڪر 51 رنسون ٺاهي نمايان رهيو جڏهن ته هيري ٽيڪٽر 32، گيرٿ ڊيلاني 28 ۽ ڪرٽس چيمپر 22 رنسون ٺاهيون پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 3، عباس آفريدي 2 جڏهن ته محمد عامر ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. آئرلينڊ جي شهر ڊبلن ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻئي ميچ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي ميزبان ٽيم جي ڪپتان پال اسٽرلنگ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. واضح رهي ته پاڪستان 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي آهي، سيريز جي پهرين ميچ ۾ آئرش ٽيم شاهين کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24 ° C
24 °
24 °
25 %
2kmh
30 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون