پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ عالمي ڪپ کان اڳ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز اڄ کان شروع ٿي رهي آهي، گذريل ڏينهن سيريز جي ٽرافي جي رونمائي ڪئي وئي.
ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ اڄ ڪلنٽرف ڪرڪيٽ ڪلب ڊبلن ۾ پاڪستاني وقت موجب شام 7 وڳي شروع ٿيندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ 12 جڏهن ته ٽئين آخري ميچ 14 مئي تي ڊبلن ۾ ئي کيڏي ويندي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ٽيم انگلينڊ جو دورو ڪندي جتان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آمريڪا لاءِ اُڏام ڀريندي.
ٻئي پاسي ڊبلن پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽرافي جي رونمائي ڪئي وئي.
پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ۽ آئرلينڊ جي ڪپتان پال اسٽرلنگ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽرافي جي افتتاحي تقريب ۾ ٽرافي سان گڏ تصويرون ٺهرايون.