تازه ترين

پاڪستان ۽ افغانستان جنگ بندي تي راضي

- Advertisement -
قطري پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جنگ بندي تي راضي ٿي ويا آهن. قطري پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگ بندي جو فيصلو دوحا ۾ ٿيندڙ ڳالهين دوران ٿيو. قطري پرڏيهي وزارت موجب، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگ بندي تي اتفاق قطر ۽ ترڪيه جي ٽياڪڙي دوران ٿيو، ٻنهي ملڪن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ ملاقاتون ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مستقل مڪينزم ٺاهڻ تي به اتفاق ڪيو. قطري پرڏيهي وزارت جي بيان  ۾ چيو ويو آهي ته جنگ بندي خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪندي ۽ اميد آهي ته جنگ بندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ جو خاتمو ڪندي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن قطري انٽيليجنس چيف عبدالله بن محمد الخليفه جي ميزباني ۾ ٿيل ڳالهين جو پهريون دور قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ مڪمل ٿيو هو جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت بچاءَ واري وزير خواجا آصف ڪئي ۽ سڪيورٽي عملدارن سندس معاونت ڪئي. ٻئي پاسي افغان وفد جي سربراهي وزير دفاع ملا محمد يعقوب ڪئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
12 %
5.7kmh
40 %
اربع
28 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون