تازه ترين

پاڪستان ۽ افغانستان ۾ معاهدي جو بنيادي مقصد دهشتگردي جي مسئلي کي ختم ڪرڻ آهي: خواجا آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ معاهدي جو بنيادي مقصد دهشتگردي جي مسئلي کي ختم ڪرڻ آهي، دهشتگردي سالن کان ٻنهي ملڪن جي سرحدي علائقن کي متاثر ڪري رهي آهي، ٻنهي ملڪن دهشتگردي جي خاتمي تي اتفاق ڪيو، امن ۽ سٺن لاڳاپن جي اميد آهي. الجزيره کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو ته هو پاڪ افغان جنگبندي معاهدي تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد ال ثاني، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ۽ ترڪ وفد جي سربراهه ابراهيم جا ٿورائتا آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ معاهدي جو بنيادي مقصد دهشتگردي جي مسئلي کي ختم ڪرڻ آهي، گذريل هفتي دهشتگردي جو مسئلو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌي ريت جنگ تائين پهچي چڪو هو. بچاءَ واري وزير چيو ته ڳالهين ۾ ٻئي ملڪ ان نتيجي تي پهتا ته دهشتگردي جو فوري خاتمو ضروري آهي، پاڪستان ۽ افغانستان دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪن ٻي صورت ۾ خطي جي امن کي سنگين خطرا ٿي سگهن ٿا. خواجا آصف چيو ته معاهدو بنيادي طور قطر ۽ ترڪيه جي ٽياڪڙي سان ٿيو آهي، معاهدي جي تفصيلن کي قطعي شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ ٻيو اجلاس ايندڙ هفتي استنبول ۾ ٿيندو. هن چيو ته افغان بچاءَ واري وزير تسليم ڪيو ته دهشتگردي ئي سندن لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جو اصل ڪارڻ آهي، جنهن تي هاڻي ضابطو آندو ويندو، هڪ هاڪاري طريقيڪار واضح ڪيو ويندو ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود مسئلا حل ڪري سگهجن. بچاءَ واري وزير چيو ته معاهدي جي تفصيلن بابت استنبول ۾ اتفاق ڪيو ويندو، قطر ۽ ترڪيه جي موجودگي هن معاهدي جي پاڻ ضمانت آهي. خواجا آصف چيو ته هو گذريل سالن ۾ وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪري چڪا آهن، اميد آهي ته هاڻي امن واپس ٿيندو، پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا معمول تي ايندا. سندس چوڻ هو ته لاڳاپا معمول تي اچڻ تي پاڪ افغان واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ به ٻيهر شروع ٿيندا ۽ افغانستان پاڪستاني بندگاهن کي استعمال ڪري سگهندو. بچاءَ واري وزير چيو ته جن افغان پناهگيرن وٽ قانوني ويزا ۽ ڪاغذ آهن اهي پاڪستان ۾ رهي سگهندا، افغان پناهگيرن جو وڏو انگ اهڙو آهي جن وٽ دستاويز ناهن، ان لاءِ انهن جي واپسي جاري رهندي. خواجا آصف چيو ته پاڪ افغان بارڊر جو استعمال به باضابطا هئڻ گهرجي، جيئن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٿيندو آهي. هن چيو ته خدشن جي خاتمي بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، کين ايندڙ هفتن ۽ مهينن ۾ ڏسڻو پوندو ته ڪيترو عمل ٿئي ٿو، پاڪستان ۽ افغانستان صدين کان پاڙيسري آهن، جنهن کي تبديلي نٿو ڪري سگهجي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته اميد آهي ته هن معاهدي کانپوءِ ٻئي ملڪ سٺن لاڳاپن سان اڳتي وڌي سگهندا، قطر ۽ ترڪيه جي موجودگي کين اعتماد ڏنو آهي، هو سندن ٿورائتا آهن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.6 ° C
33.6 °
33.6 °
8 %
4kmh
0 %
اربع
34 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون