تازه ترين

پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهيون ناڪام

- Advertisement -
چئن ڏينهن جي ڳالهين کانپوءِ، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ چيو ته ڳالهين ۾ ڪو عمل جوڳو حل نه نڪري سگهيو. عطا تارڙ چيو ته ڳالهين دوران پاڪستان مطالبو ڪيو ته افغان سرزمين کي پاڪستان مخالف دهشتگرد تنظيمن لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪيو وڃي، پر طالبان ثبوتن جي باوجود سرحد پار دهشتگردي کي روڪڻ جي ڪا به ضمانت نه ڏني. عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته افغان وفد بار بار ڳالهين جي مکيه مسئلي کان منهن موڙيو ۽ اهم نقطي تان هٽي ويو. وفاقي وزير جو چوڻ آھي تھ پاڪستان پاران پيش ڪيل ثبوت گھڻا ۽ ترديد نھ ڪرڻ جوڳا هئا، ڳالهين جي واحد ايجنڊا افغان سرزمين تان پاڪستان تي حملا روڪرائڻ هو. عطا تارڙ پيغام ۾ چيو ته طالبان افغان عوام کي غير ضروري جنگ ۾ ڌڪڻ چاهين ٿا، ڳالهين دوران، افغان طالبان الزام بازي، نٽائڻ ۽ ھِيلن بهانن جو سھارو ورتو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو تھ پاڪستان دهشتگردن ۽ سندن حامين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جاري رکندو. وفاقي وزير جو چوڻ آھي تھ پاڪستان جي عوام کي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ سڀئي ضروري قدم کڻندا رھندا……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
26 %
4.3kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون