وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي آهي.
اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻه طرفي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ اڪنامڪس اينڊ ايويليو ايشن ڊائريڪٽوريٽ، فارن ڪامن ويلٿ اينڊ ڊويلپمينٽ آفيس لنڊن جي چيف اڪنامسٽ ۽ ڊائريڪٽر پروفيسر عدنان خان موجود هئا.
برطانوي وفد پاڪستان حڪومت طرفان ايجوڪيشن ايمرجنسي جي قدمن جي ساراهه ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان، برطانيا ۽ ٻين ملڪن سان سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ زراعت، غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالاهي، سياحت، کاڻ جي کوٽائي ۽ ٻين شعبن ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو حڪومتي گورننس جي ڍانچي ۽ ادارن جي سڌارن طرف هلي رهيا آهن، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊجيٽلائيزيشن قطعي مرحلي ۾ آهي، ملڪي معيشيت جي بحالي لاءِ ميڪرو ۽ مائڪرو اڪنامڪ سطح تي قدم کڻي رهيا آهن.