تازه ترين

پاڪستان ۽ ترڪيه تاريخي ۽ مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن : وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه تاريخي ۽ مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، زلزلي ۽ ٻوڏ جهڙي قدرتي آفتن ۾ ترڪيه ڀرپور مدد ڪئي، وقت جي گهرج آهي ته ٻئي ملڪ اسٽريٽجڪ سهڪار کي هٿي وٺرائن، گوادر کي به هڪ اهم واپاري مرڪز بڻايو آهي، سي پيڪ هڪ گيم چينجر منصوبو آهي جنهن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، سي پيڪ ترقي جو رستو آهي، اميد آهي ته ترڪيه به فائدو وٺي سگهي ٿو.

سامونڊي فوج جي جنگي جهاز پي اين ايس طارق جي افتتاحي تقريب ڪراچي شپ يارڊ ۾ ٿي.

تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير احسن اقبال، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري، وڏي وزير مراد علي شاهه، نيول چيف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي سهڪار سان تيار ڪيل جنگي جهاز پي اين ايس طارق جو افتتاح ڪيو.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪيه جي نائب صدر جي ڪراچي آمد تي سندس ٿورائتا آهن، هو ڪراچي شپ يارڊ جي آفيسرن، انجنيئرن، ورڪرن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي مبارڪ ڏئي ٿو.

سندس چوڻ هو ته ملجم ڪلاس ڪورويٽ چوٿون سامونڊي جهاز آهي جيڪو پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي تيار ڪيو آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه تاريخي ۽ مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته زلزلي ۽ ٻوڏ جهڙي قدرتي آفتن ۾ ترڪيه ڀرپور مدد ڪئي، وقت جي گهرج آهي ته ٻئي ملڪ اسٽريٽجڪ سهڪار کي هٿي وٺرائن.

هن چيو ته گوادر کي به هڪ اهم واپاري مرڪز بڻايو آهي، سي پيڪ هڪ گيم چينجر منصوبو آهي جنهن تي تيزي سان ڪم جاري آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ ترقي جو رستو آهي، اميد آهي ته ترڪيه به فائدو وٺي سگهي ٿو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.4 ° C
4.4 °
4.4 °
38 %
1.1kmh
31 %
سُومر
4 °
اڱارو
10 °
اربع
12 °
خميس
13 °
جمعو
15 °

تازه ترين خبرون