تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپن جو دنيا ۾ مثال ناهي، ٻئي ملڪ امن ۽ خوشحالي جا ۾ پارٽنر آهن :وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپن جو دنيا ۾ مثال ناهي، ٻئي ملڪ امن ۽ خوشحالي جا ۾ پارٽنر آهن. سعودي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سعودي ولي عهد پاڪستان سان لاڳاپن ۾ تمام گهڻو مخلص آهي، محمد بن سلمان سعودي عرب جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سعودي ولي عهد گذريل 8 سالن ۾ مثالي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جيڪي سندس دور انديشي ۽ مثالي قيادت جي ڪري ئي ممڪن ٿيون آهن، هن مملڪت جو ويزن 2030 پيش ڪيو جيڪو دنيا لاءِ هڪ مثالي نمونو آهي. شهباز شريف چيو ته محمد بن سلمان جون پاليسيون هن سميت سمورن اڳواڻن لاءِ مشعل راهه آهن، سعودي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو دورو انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيو. سعودي عرب سان لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته چونڊجڻ کانپوءِ پاڪستان جو ڪو به وزيراعظم پنهنجو پهريون پرڏيهي دورو سعودي عرب کان شروع ڪندو آهي، اهڙي ريت اها روايت بڻجي وئي آهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، اسان جا ڏک ۽ خوشيون گڏيل آهن، ڪاميابي ۽ ترقي ۾ به هڪٻئي جا ساٿي آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون