تازه ترين

پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپن جو دنيا ۾ مثال ناهي، ٻئي ملڪ امن ۽ خوشحالي جا ۾ پارٽنر آهن :وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپن جو دنيا ۾ مثال ناهي، ٻئي ملڪ امن ۽ خوشحالي جا ۾ پارٽنر آهن.
سعودي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سعودي ولي عهد پاڪستان سان لاڳاپن ۾ تمام گهڻو مخلص آهي، محمد بن سلمان سعودي عرب جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته سعودي ولي عهد گذريل 8 سالن ۾ مثالي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جيڪي سندس دور انديشي ۽ مثالي قيادت جي ڪري ئي ممڪن ٿيون آهن، هن مملڪت جو ويزن 2030 پيش ڪيو جيڪو دنيا لاءِ هڪ مثالي نمونو آهي.
شهباز شريف چيو ته محمد بن سلمان جون پاليسيون هن سميت سمورن اڳواڻن لاءِ مشعل راهه آهن، سعودي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو دورو انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيو.
سعودي عرب سان لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته چونڊجڻ کانپوءِ پاڪستان جو ڪو به وزيراعظم پنهنجو پهريون پرڏيهي دورو سعودي عرب کان شروع ڪندو آهي، اهڙي ريت اها روايت بڻجي وئي آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، اسان جا ڏک ۽ خوشيون گڏيل آهن، ڪاميابي ۽ ترقي ۾ به هڪٻئي جا ساٿي آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
50 %
0.9kmh
65 %
آچر
25 °
سُومر
30 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون