تازه ترين

پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت  آهي : شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت  آهي، ايس آءِ ايف سي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مدد ملندي، هو سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ سعودي جي معيار تي پورو لهندا، سعودي عرب سان ست ارب ڊالر جي سيڙپڪاريءَ جا معاهدا ڪيا آهن. سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فرحان بن فيصل ۽ وفد جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته ايس آءِ ايف سي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت  آهي وزيراعظم چيو ته سعودي وفد جي دوري تي هو سعودي حڪومت جا ٿورائتا آهن، سموري قوم سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جي منتظر آهي. شهبازشريف چيو ته سعودي عرب سان اربين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جا معاهدا ڪيا آهن، هو سعودي جي معيار تي پورو لهندا. وزيراعظم چيو ته ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽيءَ ۾ آرمي چيف ۽ اهم سياسي شخصيتون شامل آهن، هو گڏجي پنهنجو مشن مڪمل ڪندا. سعودي پرڏيهي وزير شهزاديَ فيصل بن فرحان چيو ته ڀرپور آجيان ۽ ميزباني تي هو ٿورا مڇي ٿو، دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائيواري جي نيئن دور جي شروعات ٿي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
52 %
4.5kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون