تازه ترين

پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي صلاحيت موجود آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ ٻئي ڌريون ان حوالي سان هاڪاري قدم کڻي رهيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف سان ملائيشين بزنس گروپ گوبي پارٽنرز جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن جي قيادت گوبي پارٽنرز جي شريڪ باني ۽ چيئرمين ٿامس سائو ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، عطا تارڙ، وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي ۽ ٻيا به موجود هئا. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾  اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جا موقعا موجود آهن جنهن لاءِ ٻئي ڌريون ڀرپور ڪم ڪري رهيون آهن. شهباز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ بزنس ٽو بزنس رابطا وڌائڻ بابت گذريل ڏينهن پاڪستان ملائيشيا بزنس اينڊ انويسٽمنٽ ڪانفرنس سٺو سنوڻ آهي، هو ڪاروبار لاءِ دوستاڻو ماحول بڻائڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي دوستي هميشه کان قائم آهي، مسلمان تڪرارن ۽ غربت سميت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون