تازه ترين

پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

- Advertisement -
پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان ملائيشيا جي وزيراعظم داتو سري جي وزيراعظم هائوس ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن دوران ٻه طرفي معاملن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻه طرفي لاڳاپن، علاقائي ۽ عالمي مسئلن خاص طور امت مسلمه کي پيش ايندڙ مسئلن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ نتيجو ڏيندڙ بڻائڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي بابت ڳالهيون ڪيون. وزيراعظم شهباز شريف، ملائيشيا جي وزيراعظم کي ملائيشيا کي سال 2025ع لاءِ آسيان جي چيئرمين شپ ملڻ تي مبارڪ ڏني. ملائيشيا جي وزيراعظم، آسيان ۾ سيڪٽورل ڊئيلاگ پارٽنر ۽ پاڪستان جي مسلسل ڀائيواري جي آجيان ڪئي. هن پاڪستان ۽ آسيان وچ ۾ رابطن ۽ آسيان ۾ پاڪستان جي وسيع ڪردار جي حمايت جو اظهار ڪيو. وزيراعظمن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل سهڪار جو ذڪر ڪندي گڏيل فائديمند ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن هر سطح تي ڳالهين جي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. گڏيل وزارتي ڪميشن ۽ ٻه طرفو صلاح مشورو وڌائڻ لاءِ حڪمت عملي جي اهميت بابت به زور ڏنو. ان کان اڳ ملائيشين وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم ويراعظم هائوس پهتو. وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم جو مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي ملائيشيا ۽ پاڪستان جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم هائوس آمد تي مليئيشن وزيراعظم کي گارڊر آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف معزز مهمان سان وفاقي ڪابينا جو تعارف به ڪرايو. ملائيشيا جي وزيراعظم، وزيراعظم شهباز شريف سان پنهنجي وفد جو تعارف ڪرايو. معزز مهمان وزيراعظم آفيس ۾ ٻوٽو به لڳايو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون