پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊائريڪٽر جنرل آف ملٽري آپريشنز (ڊي جي ايم اوز) وچ ۾ رابطو ٿيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سومر ڏينهن پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز هٿياربند فوجن کي معمول جي پوزيشن تي منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان رابطو ڪيو.
ذريعن موجب، جنگ بندي جو ايندڙ مرحلو پاڪستاني ۽ هندستاني فوجن جي امن واري وقت جي پوزيشن تي واپسي آهي.
ياد رهي ته ڀارتي اڳرائي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جون فوجون آمهون سامهون آيون هيون.
گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز وچ ۾ هاٽ لائن ذريعي رابطو ٿيو، جيڪو جنگ بندي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽيون رابطو هو……..