تازه ترين

پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا منفرد ۽ مضبوط آهن: آرمي چيف جنرل عاصم منير

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا منفرد ۽ مضبوط آهن، جن سمورن چئليجن جو مقابلو  ڪندي پنهنجي مضبوطي ثابت ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي 96هين سالگرهه جي ايڇ ڪيو ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ چيني سفارتخاني جي عملدار پينگ چنڪسو، ميجر جنرل وانگ زونگ ۽ ٻيا پڻ شرڪت ٿيا.

چيني سفارتڪار  پي ايل اي جي 96هين سالگرهه تقريب ڪوٺائڻ تي آرمي چيف جا ٿورا مڃيا، سندس چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ اهو سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري وقت ۽ عالمي طور ضروري آهي.

آرمي چيف جنرل عاصم منير، پي ايل ايَ کي واڌايون ڏنيون ۽ چين  جي دفاع، سلامتي ۽ قوم جي تعمير ۾ پي ايل اي جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

جنرل عاصم منير ٻنهي ملڪن جي فوج ۽ عوام وچ ۾ گهرن لاڳاپن جي مختلف پاسن تي روشني وڌي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا منفرد ۽ مضبوط آهن، جن سمورن چئليجن جو مقابلو  ڪندي پنهنجي مضبوطي ثابت ڪئي آهي.

آرمي چيف چيو ته پي ايل اي ۽ پاڪستان آرمي هڪٻئي جا ڀائر آهن، هو اجتمامي مفادن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا………..

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
33 %
2kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون