- Advertisement -
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ سڪيورٽي سهڪار مضبوط ڪرڻ تي اتفاق، سفارتي لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي يادگيري سرگرميون شروع ڪرڻ جو اعلان، خنجراب پاس سمورو سال کليل رکڻ سان واپار ۽ عوامي رابطا وڌيڪ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪ چين پرڏيهي وزيرن جي اسٽريٽجڪ ڳالهين جو ستون دور بيجنگ ۾ اسحاق ڊار ۽ وانگ اي گڏيل صدارت ۾ ٿيو، ٻنهي ملڪن 2026ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه ملهائڻ لاءِ يادگاري سرگرمين جي شروعات جو اعلان ڪيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ٻنهي ملڪن آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ ۽ دوستي جي عزم جو ورجاءَ ڪيو، سي پيڪ تحت صنعت، زراعت، معدنيات ۽ گوادر بندرگاهه بابت سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته خنجراب پاس سڄو سال کليل رکڻ سان واپار ۽ عوامي رابطا وڌائڻ تي اتفاق ٿيو، پاڪستان طرفان ون چائنا پاليسي جي حمايت ڪئي وئي جڏهن ته چين به پاڪستان جي خودمختاري ۽ علاقائي سلامتي جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، دهشتگردي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي، چيني شهرين ۽ منصوبن جي تحفظ بابت ويجهو سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مالي ۽ بينڪاري شعبي ۾ سهڪار ۽ عالمي مالياتي فورمز تي گڏيل حمايت وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، پاڪ چين خلائي سهڪار ۾ توسيع، پاڪستاني خلابازن جي چيني اسپيس اسٽيشن ۾ موقعن جي شموليت جي آجيان ڪئي وئي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ٻي جنگ عظيم کانپوءِ عالمي نظام ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مڪمل حمايت جو وچن ورجايو ويو، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام، هڪ طرفي قدمن جي مخالفت ۽ ڳالهين ذريعي تڪرارن جي حل تي زور ڀريو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چين طرفان ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪرڻ واري موقف جو ورجاءَ ڪيو ويو، افغانستان بابت ويجهي صلاح مشوري، دهشتگرد تنظيمن جي مڪمل خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ تي به زور ڀريو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، غزا ۾ فوري، مستقل ۽ غير مشروط جنگ بندي ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو ورجاءَ ڪيو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چين طرفان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي صدارت جي ڪارڪردگي جي ساراهه ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ايندڙ صدارت تي حمايت جو اعلان ڪيو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ايندڙ پاڪ چين پرڏيهي وزيرن جون اسٽريٽجڪ ڳالهيون ايندڙ سال اسلام آباد ۾ ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو……..
- Advertisement -
