- Advertisement -
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفرڪا وچ ٻي ون ڊي ميچ اڄ ڪيپ ٽائون ۾ کيڏي ويندي.
قومي ڪرڪيٽرن گذريل ڏينهن پريڪٽس بدران آرام ڪيو، ٽن ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي ميزبان تي هڪ ٻڙي جي برتري حاصل آهي.
قومي ٽيم اڄ جي ميچ کٽي لاڳيتي ٽن ون ڊي سيريز پنهنجي نالي ڪري سگھي ٿي.
پاڪستان ان کان اڳ آسٽريليا ۽ زمبابوي کي به شڪست ڏني هئي، اڄ جي ميچ پاڪستاني وقت موجب شام پنجين وڳي شروع ٿيندي.
ٻئي پاسي ون ڊي جي پليئر آف دي ميچ ٽيم جو نائب ڪپتان سلمان آغا جو چوڻ هو ته پهرين ميچ جي پچ سلو هئي ۽ ان تي بائونس به گھٽ هو، ٻي اننگز ۾ بهترٿيڻ سبب کين آساني ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ڪارڪردگي تي خوش آهي، اڳتي به اهڙي طرح پرفارمنس جي ڪوشش ڪندو- Advertisement -
