- Advertisement -
پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ آءِ سي سي چيمپينز ٽرافي جي نيوٽرل هنڌ جو معاملو طئه ٿي ويو.
ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين محسن نقوي گڏيل عرب امارات ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه شيخ النهيان المبارڪ سان ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب ٻنهي بورڊن جي سربراهن جي ملاقات گهوٽڪي ۾ شيخ النهيان جي خاص خيمي ۾ ٿي.
شيخ النهيان ۽ محسن نقوي جي ملاقات دوران نيوٽرل هنڌ جو معاملو طئه ٿي ويو.
ذريعن موجب چيمپينز ٽرافي 2025ع ۾ ڀارت جي ميچن لاءِ گڏيل عرب امارات کي نيوٽرل وينيو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
فيبروري 2025ع ۾ دوران پاڪستان ۾ رٿيل آءِ سي سي چيمپينز ٽرافي جي شيڊول جو اعلان اڃا تائين نه ڪيو ويو آهي.
چيمپينز ٽرافي جي امڪاني شيڊول موجب ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ 19 فيبروري تي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڪراچي ۾ ٿيندي جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلو 23 فيبروري تي نيوٽرل هنڌ تي ٿيندو- Advertisement -
